اميد علي نظاماڻيءَ جو دستخط نسخو

اميد علي نظاماڻيءَ جو دستخط نسخو: شاهه عبداللطيف جي رسالي جو هڪ نسخو، جيڪو سُر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ آهي. هيءُ رسالو پير حسين علي شاهه ڀٽائيءَ پنهنجي مريد اميد علي نظاماڻيءَ کان لکارايو، جنهن ذوالقعد سال 1275هه/1858ع ۾ لکي پورو ڪيو. اُن ۾ خاتمي واري عبارت هن طرح لکيل آهي ته ”تمام شد رساله متبرڪه منوره از دست ضعيف نحيف بنده اميد علي نظاماڻي مريد درگاه شاهه صاحب عليہ الرحمة موجب ارشاد حضرت جناب فيض مآب مرشديم حضرت ميان حسين علي شاهه ڀٽائي دام حياتہ وبرڪاتہ.“
هن نسخي ۾ 34 سُر، 2933 بيت ۽ 213 وايون شامل آهن. ڪاتب هرهڪ سر کي ”باب“ جي عنوان سان لکي پوءِ سر جو نالو ڏنو آهي، جيئن ته ”باب اول در سرود ڪلياڻ“، ”باب دويم در سرود جمن“، ”باب سويم در سرود کنڀات“ وغيره. نسخي جي حاشين تي هن ڪيترن ئي بيتن جون ٻيون پڙهڻيون به لکيون آهن ۽ ڪٿي ڪٿي حاشين ۾ سڄا بيت ۽ وايون قلمبند ڪيون اٿس. ڪاتب اها پڻ ڪوشش ڪئي آهي ته هو سُر جي هرهڪ فصل کي بيتن جي مضمون مطابق خاص عنوان سان نروار ڪجي، مثلاً سر ’ڪلياڻ‘ جي هر فصل ۾ آيل مضمون جي مناسبت سان انهن جا عنوان هن طرح لکيائين:
فصل اولِ: در ذڪر توحيد
فصل دويم: در ذڪر تعريف درد عشق
فصل سويم: در بيان آزار محب
هر سر جي هر فصل يا داستان کي موضوع ۽ مضمون جي لحاظ سان نروار ڪرڻ طرف، هيءُ هڪ اهم قدم هو، پر ڪاتب ان کان پوءِ ٻين سُرن ۾ اهو سلسلو قائم رکي نه سگهيو، البت هر سُر جي منڍ ۾ داستانن جو جملي تعداد لکيائين ته ”سرود سري راڳ به شش فصل انجاميد“ وغيره. جيئن ته هيءُ رسالو ڀٽ شاهه جي پيرصاحب جي هدايت مطابق سندس مريد لکيو، انهيءَ ڪري هن ۾ اهي سڀ بيت شامل ڪيا ويا جيڪي مرشد وٽ قابل قبول هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1275.00.00  هجري

اميد علي نظاماڻيءَ جو دستخط نسخو: شاهه عبداللطيف جي رسالي جو هڪ نسخو ، جيڪو سُر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ آهي . هيءُ رسالو پير حسين علي شاهه ڀٽائيءَ پنهنجي مريد اميد علي نظاماڻيءَ کان لکارايو ، جنهن ذوالقعد سال 1275هه/1858ع ۾ لکي پورو ڪيو


1858.00.00  عيسوي

اميد علي نظاماڻيءَ جو دستخط نسخو: شاهه عبداللطيف جي رسالي جو هڪ نسخو ، جيڪو سُر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ آهي . هيءُ رسالو پير حسين علي شاهه ڀٽائيءَ پنهنجي مريد اميد علي نظاماڻيءَ کان لکارايو ، جنهن ذوالقعد سال 1275هه/1858ع ۾ لکي پورو ڪيو



رسالا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الحبيب
پيغام آشنا
چارڻ (رسالو)
پنچم رسالو
رسالو ٻڍل فقير1
انسان ماهوار
پير حسام الدين راشدي نمبر
پريم
سگهڙين سٿ
حڪمت2
رسالا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون